تارا تارا جهول ۾

تارا تارا جهول ۾

تارا تارا جهول ۾

تارا تارا جهول ۾ (ڪتاب): گهوتڪيءَ جي جديد شاعرن جي شاعريءَ جو هي تذڪرو، امر کهاوڙ ۽ دوست سومري ترتيب ڏنو آهي ۽ پريم پتافيءَ (ضلعي رابطه سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت، گهوٽڪي) ڇپائي پڌرو آهي، جنهن ۾ مختصر سوانحي خاڪا به ڏنا ويا آهن، هن مجموعي ۾ جن سورهن جديد شاعرن جي شاعري ڏني وئي آهي، تن ۾ مفتون ڪورائي، مشتاق گبول، عطا قاضي، پريم پتافي، سڪندر مگسي، امر کهاوڙ، جميل سومرو، دوست سومرو، شيراز چانڊيو، درگاهي گبول، مخمور ميراني، عاجز چاچڙ، فدا ملڪ، جبار بوزدار، عرفان لنڊ ۽ وسيم گبول شامل آهن.
ڪتاب جو تفصيلي مهاڳ، برک شاعر، امداد حسينيءَ لکيو آهي، جنهن ۾ هن هر شاعر جي شاعريءَ جو تفصيلي جائزو ورتو آهي. ڪتاب جو انتساب، سنڌي زبان جي اهم شاعرن- بردي سنڌي، امير بخاري، عزيز گبول ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ جي نالي ڪيو ويو آهي.
ڊيمي سائيز جي 304 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، پاڪيزه پرنٽرز، حيدرآباد، سنڌ، جون 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 286 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو